انور سومرو

انور سومرو

انور سومرو 2

انور سومرو 2: ليکڪ ۽ ڪالم نويس انور حسين ولد حاجن علي سومرو 14 نومبر 1969ع تي حيدرآباد شھر ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو انور سومرو آهي. پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ (1990ع) ۽ انٽر (1992ع) حيدرآباد مان ڪئي. جڏهن ته بي. اي (1998ع) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. سندس لکڻيون ’ڪاوش‘، ’عبرت‘، ’آفتاب‘، ’خادم وطن‘، ’حيرت‘، ’بختور‘، ’سرواڻ‘، ’مھراڻ‘ ۽ ’هلال پاڪستان‘ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. انور سومري 1988ع ۾ ’سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن (SRTC) ۽ پوءِ 1989ع کان پوليس کاتي ۾ ملازمت ڪئي. جتان وقت کان پھرين 2017ع ۾ رٽائرڊ ٿي، پنھنجي ذاتي ڪاروبار (پرنٽنگ پريس) سان وابسته ٿيو. هن 2016ع کان ٻاراڻي ادب لاءِ سلسيوار علمي ۽ ادبي رسالو ’مٺڙا ٻار‘ شايع ڪيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’مُلا دو پيازي ۽ بيربل جا ڀوڳ‘ (مزاحيه ٽوٽڪا: 2007ع)، ’ملا نصير الدين جا مزاحيه قصا‘ (2007ع)، ’ڳجهارتون ۽ پروليون‘ (ذهني آزمائش: 2014ع)، ’انگلش ڪنورسيشن فار اسٽوڊنٽس‘ (2015ع)، ’انگلش ٽيچر‘ (2015ع)، ’قرآن بابت معلومات‘ (2015ع)، ’عالمي معلومات‘ (2016ع) ۽ ’سائنسي معلومات‘ (2017ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.11.14  عيسوي

ليکڪ ۽ ڪالم نويس انور حسين ولد حاجن علي سومرو 14 نومبر 1969ع تي حيدرآباد شھر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلقيس ايڌي
خالد ڀٽي
پهلوان فقير ڊومڪي
راڻو اجمال
ڀڳونتي ناواڻي
عبدالهادي مرزا حڪيم
رميش مهتا
شيخ صادق علي انصاري
اسحاق گڊو
خاصخيلي غلام حسين ملهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون